اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي تشخيص جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ 14 هزار 878 ٽيسٽ ڪرڻ ۽ هيستائين ٽيسٽ جي صل??حيت ۾ 27 ڀيرا وڌيڪ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيسٽ صل??حيت ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ سمور??ون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آه??. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.