اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهن??ي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتح??ل ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورونا جي مريضن، ڀارتي ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ما??ڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئي?? ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهنجي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کان محفوظ رکن.