اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته پاڪستان ايٿوپيا سان لاڳاپن کي گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست واپاري پ??ليسي جي پيش نظر پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ هڪ پرڪشش ماڳ آهي، چونڊيل سفير ايٿوپيا ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا ۾ پاڪستان جي چونڊيل سفير شوزب عباس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته نا??زد سفير واپار، معيشت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندو، پاڪستان ايٿوپيا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته نا??زد سفير ايٿوپيا جي سيڙپڪارن جي پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ حوصلا افزائي ڪندو. پاڪستان جي سيڙپڪار دوست واپاري پ??ليسي جي پيش نظر پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش ماڳ آهي، نا??زد سفير ايٿوپيا ۾ غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.