اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ک?? درپيش چئلينجز جي حل لا??ِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لا??ِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لا??ِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ ا??ڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ملڪ ک?? درپيش مسئلن جي حل لا??ِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن ??يو ته هن وقت ملڪ ک?? ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن ??ي منهن ??يڻ لا??ِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.