اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورو??ا جا 670 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 6 ماڻهو ڪورو??ا جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 24 هزار 22 ڪورو??ا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 774، پنجاب ۾ 8 هزار 124، خيبرپختونخوا ۾ هڪ هزار 876، اسلام آباد ۾ 2 هزار 873، بلوچستان ۾ 978، گلگت بلتستان ۾ 223، آزاد ڪشمير ۾ 165 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 66 هزار 301 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورو??ا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي ??ڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورو??ا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 141 ڪورو??ا جا مريض آهن، هن وقت ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪوور??ا جا ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 248 آهي، هيستائين ملڪ ۾ ڪورو??ا جي مريضن جو تعداد 2 لک 88 هزار 717 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 181، بلوچستان ۾ 12 هزار 224، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 486، اسلام آباد ۾ 15 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 153، پنجاب ۾ 95 هزار 391 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 904 مريض آهن.