اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊا?? ۽ ??ينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چي?? سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ?? شريڪ ٿيا.