اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مو??وده حڪومت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ مو??فق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار سان جڙيل نوجوانن کي سهولتون ف??اه?? ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مخ??لف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري به شريڪ هو.