ڪراچي – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته طب جو شعبو انسانيت جي خ??مت جو نالو آهي، طب جي تعليم ۾ انساني همدردي ۽ انسانيت سان پيار جو درس ڏنو وڃي ٿو، ڪرونا و??ئرس سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، ان جي خ??تمي لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ تي تيزي سان ڪم جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فضائي روٿ پي اي ايف يو ميڊيڪل ڪاليج جي افتتاحي تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو.