اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي آءِ اي جي جهاز جي اوچتو حادثي جو ٻڌي صدمو پهتو آهي، آئون پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو ارشد ملڪ سان رابطي ۾ آهيان جيڪو ري??ڪيو ۽ رليف ٽيم سان گڏ ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. سماجي ر??بطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان واقعي جي فو??ي جاچ ڪرائي ويندي. هن ان حادثي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي.