اسلام ??باد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته فنڪارن کي انهن جي ڪم جي رائلٽي ملڻ انهن جو حق آهي، ڪاپي رائيٽس جي تحفظ کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين، فلم ٽاسڪ فورس جو قيام ??لد کان جلد عمل ۾ آندو ويندو جنهن ۾ حڪومتي عهديدارن سان گڏوگڏ فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل نالن کي به شامل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلمي صنعت سان لاڳاپيل فنڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ ڪيو.