اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معيشت، تعليم ?? سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو، پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي، مس??قب?? ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽر??يٽ جي ڪري وڌيڪ آساني ٿيندي، اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ آن لائن ادائگيون شروع ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪورونا وبا دوران صحت، تعليم ۽ ڪاروباري شعبي ۾ انٽر??يٽ جي گهرج ۾ اضا??و ٿيو، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانورن جي منڊين، بازارن ۽ عيد نماز دوران ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ اسپيڊ موبائيل براڊ بينڊ پراجيڪٽ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران آن لائن تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر جن علائقن ۾ تيز رفتار انٽر??يٽ نه هئي اتي تعليم واري وزارت ٽيليويزن ذريعي تعليم جو سلسلو برقرار رکيو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهيو آهي. مس??قب?? ۾ ڪيترائي معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ انٽر??يٽ جي ذريعي وڌيڪ آساني ٿيندي. صدر چيو ته معيشت، تعليم ?? سيڙپڪاري جي ڊيجيٽلائيزيشن سان پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو. هن چيو ته گذريل سال سافٽ ويئر برآمدات ۾ 30 سيڪڙو اضا??و ٿيو آهي. ملڪ ۾ سافٽ ويئر برآمدات جا وسيع موقعا موجود آهن.