چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طرح فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زب??ن استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پ??ڪس??ان ۽ فوج جي خلاف استعمال ڪ??ي ٿو، پهريون ڀيرو مخالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ڪن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئي رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ س??ن ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون چڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو آهيان جن سان م??اش??و تبديل ٿيندو آهي.