اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سياسي خودغرضي جو هڪ ٻيو مثال اهو آهي ته هو هر ا??تج??ج ۾ پنهنجو جهنڊو کڻي پهچي وڃن ٿا، اڄ حڪومت جن مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار آهي ان جي ذميوار مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي آهي، انهن ٻنهي پارٽين ملڪي وسيلن کي بيدردي سان ڦريو ۽ پنهنجا اثاثا ٺاهيندا رهيا، ملڪي مفاد جي بيانيي کي ترويج ڏيڻ لاءِ ٻين ??عبن وانگر ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي، حڪومت مهانگائي تي ضآبطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهي آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ دير بالا پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن جا ٿورا مڃان ٿو جو اهي اسلام آباد آيا آهن، دير بالا پريس ڪلب جو نيشنل پريس ڪلب سان ويجهو رابطو سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان پيشيوراڻيون صلاحيتون بهتر ٿينديون، هن دير بالا پريس ڪلب جي عهديدارن کي خاطري ڪرائي ته جلد دير بالا پريس ڪلب جو دورو ڪندس، هن چيو ته صحافي پنهنجي مقامي، علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي بيانيد کي ترويج ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خان ڪابينا جي اڪثر اجلاسن ۾ سرڪاري ملازمن جو ذڪر ڪندو رهيو آهي، وزيرا??ظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي ڪابينا ڪميٽي به قائم آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شيخ رشيد، حفيظ شيخ شامل آهن، اها ڪميٽي ملازمن سان ڳالهائي رهي آهي، ا??تج??ج ڪندڙ مطئمن ??ي ويندا. هن چيو ته اڄ جي مسئلن جو بنيادي سبب اڳوڻين ??ڪومتن جي نااهلي ۽ منصوبابندي جي کوٽ آهي.