جده – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، پاڪستا??ين کي جلد نئين پاڪستان جي خوشخبري ڏيان ٿو، مافيا کان ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين، قانون جي بالادستي رکندڙ معاشرو ئي ترقي ڪندو آهي، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو، پاڪستان جي خوشحالي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو تمام گهڻو مثبت ڪردار ڏسي رهيو آهيان، پاڪستاني معيشت جي بهتري تي الله جا شڪرگزار آهيون. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۾ هر سال 9 ارب رپ??ن جو خسارو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستان??ن جي عطين سان پورو ٿئي ٿو، ان مان 40 سيڪڙو حصو سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستان??ن جو آهي.