اسلام آباد R11; 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي ??لاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??ورت ۾ رابطو ۽ علائقائي استحڪام ايشيا لاءِ ڪاميابي جي ??اهه هموار ڪندو. اهڙو اظهار هن”ايشيا ۽ علائقائي رابطا“ جي موضوع تي انطاليه سفارتي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي پنهنجي ??طاب ۾ ايشيا کي درپيش چئلينجز خاصل ڪري حل طلب تڪرارن، اندروني ۽ ٻاهرين ڇڪتاڻ، هٿيارن ??ي ڊوڙ، هڪ طرفي ڳالهين (Unilateralism)، غربن، ڪووڊ R11; 19 ۽ موسمياتي تبديلين کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير ايشيائي ملڪن کي جيو اقتصاديات تي توجه ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ پاڪستان جي پاليسي جي ٽن ستونن علائقائي رابطي، ترقي جي ??راڪتداري ۽ امن ۽ خوشحالي کي اجاگر ڪيو. 21 هين صديءَ ۾ ايشيا جي ??لاحيت تي روشني وجهندي شاهه محمود قريشي ايشيا کنڊ ۾ موجود سهڪار جي ??مڪانن طرف توجه ڏياري. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??ڪل ۾ رابطا ۽ علائقائي استحڪام ڪامياب ايشيائي صدي لاءِ راهه هموار ڪندو. ان کي نظر ۾ رکندي هن چيو ته سي پيڪ، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو فليگ شپ من??وبو آهي، خطي جي ملڪن لاءِ وڏا موقعا فراهم ڪري ٿو. پرڏيهي وزير خطاب ۾ ايشيا ۾ وڌ کان وڌ علائقائي سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ 5 قدمن جون تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ پائيدار ترقي ۽ غربت جي ??اتمي تي توجه ڏيڻ، ايشيا ۾ اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض کان نجات لاءِ عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن ??ان رابطن ۾ اضافو ته جيئن درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي سهولت مهيا ڪري سگهجي.