اسلام آباد ??? 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم ا??مينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي ل??ءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي ص??ر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم ا??مينان جي بنيادي سبنبن ۾ شامل آهن. وزيراعظم فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي ل??ءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي ص??ر وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي ص??ر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.