اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولا??ِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربر??هي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعا??ن تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان ??ڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لا??ِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربر??هي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.