اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ تحت جاري منصوبن کي مڪمل ڪ??ڻ ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوالي سان مشاورتي عمل کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، چين مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبو پاڪ چين مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي، سماجي شعبن خاص طور تي غربت جي خاتمي ۽ زراعت ??هڙ?? شعبن جي فروغ جي ڏس ۾ چين جي تجربي مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم اهي هدايتون پاڪ چين ا??تصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي جي حوالي سان اعليٰ ??طحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.