اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي ايف بي آ?? جي چيئرمين آن لائين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻ??ايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آ?? سان رجسٽر ٿي چڪيون آهن جيڪي 123 منصوب?? تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻ??ايو ته سيڙپڪارن جي لاءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، 75 منصوبن لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، منصوبن جي نگراني لاءِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.