اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۽ ٻيو لاهور ۾ ٻه وڏا شهر ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي جي ٻيٽن جي حوالي سان سنڌ اين او سي جاري ڪئي ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏي، راوي سٽي ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جا منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، ڀنڊار ٻيٽ جو فائدو سنڌ جي عوام ??ي ٿيندو ۽ ان سان 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڀنڊار ٻيٽن ۾ سيڙپڪاري ڪندا، نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ پاڻ ک?? لنڊن وڃڻو پيو ته ويندس، مخالف ڌر جي سڄي ڪوشش اين آر او وٺڻ لاءِ آهي جيڪو آئون ڪڏهن به نه ڏيندس، اهي ماڻهو پاڻ ک?? قانو?? کان مٿانهون سمجهندا آهن، مخالف ڌر 30 سال?? کان پئسو چوري ڪري رهي آهي، ڪرپشن ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسر??ئي?? کي پاڪستان جي بهادر فوج کان ڊپ آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف کي هيرو بڻائي پيش ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو دوران ڪيو.