فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت صنعتي شعبي کي بجلي جي فراهمي لاءِ وڏو پيڪ??ج ڏنو آهي، صنعتي سرگرميون وڌنديون ته ملڪ ترقي ڪندو. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 60ع جي ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان ۾ صنعتون نه لڳيون ۽ حڪومتن صنعتي سرگرمين کي ڪڏهن فروغ نه ڏ??و، اسان مشڪل حالتن ۾ سموريون سهولتون ڏئي رهيا آهيون ته جئين صنعتي سرگرميون وڌن، ان سان ماڻهن کي روزگار ميس?? ا??ندو ۽ آمدني ۾ به اضافو ٿيندو، ان سان اسان قرض به واپس ڪري سگهنداسين.