اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪفالت پروگرام مان فائدو کڻندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم ڪفالت پروگرام مان سهولت ماڻيندڙن جو انگ 46 لک مان وڌائي 70 لک ڪرڻ جي منظ??ري ڏئي ڇڏي. فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي تياري جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، غرب?? جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.