اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين ال??ذا??ب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ ??اءِ بين ال??ذا??ب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ?? انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين ال??ذا??ب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششو?? ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ?? محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت سان حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.