اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي ي??يني بڻائڻ جي لاءِ اليڪٽورل ريفارمز وقت جي اهم ضرو??ت آهي، اهڙيون چونڊون منعقد ڪرائڻ چاهيون ٿا جن تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ شفاف ?? غيرجانبداراڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي ضامن هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار راولپنڊي، لاهور هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي بئنچ، پنجاب بار ڪائونسل ۽ هاءِ ڪورٽ بار ملتان بئنچ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.