اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي، ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحت جي شعبي ۾ تر??يت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان ڪائونسل جي ٻارهين (12) سيشن جي صدارت ڪندي ڪيو. ڪائونسل گلگت بلتستان ۾ عوام کي مواصلات جي بهتر سهولتن جي فراهمي جي غرض سان نيڪسٽ جنريشن موبائيل سروسز سپيڪٽرم جي نيلامي جي حوالي سان پاليسي ڊائريڪٽيو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گگلت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع جي منظوري ڏني، گلگت بلتستان ڪائونسل جي 6 ميمبرن جي چونڊ گلگت بلتستان ڪائونسل (اليڪشن) رولز 2021ع تحت ڪئي ويندي. ڪائونسل منهاس حسين، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج غذر، جي جج طور بئنڪنگ اينڊ ڪسٽمز ڪورٽ گلگت بلتستان مقرري جي منظوري ڏني، جناب منهاس حسين کي جج قومي احتساب ڪورٽ گلگت بلتستان جو اضافي جارچ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ايجنڊا جي باقاعده منظوري کانپوءِ وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان جي وڏي وزير کان تازين بر??اتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ رليف قدمن جي حوالي سان بريفن?? ورتي، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ فروغ جي حوالي سان به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ سياحت جي بي انتها گنجائش موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ، جديد انفرااسٽرڪچر جي قيام ۽ مقامي آبادي کي سياحتي جي شعبي ۾ تر??يت فراهم ڪئي وڃي ته جئين جتي سياحت کي فرُغ حاصل ٿئي اتي مقامي آبادي کي بهتر معاشي موقعا ميسر اچي سگهن.