اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پوري قوم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني جي لاءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي، ع??ام ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي تدبيرن کي هرگز نظرانداز نه ڪ??ي، قرباني جي عيد جي هن موقعي تي قرباني جي جذ??ي سان سرشار ٿي غريبن ۽ ضرورتمندن جي وڌي چڙهي مدد ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن ??يدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي. صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني ??وم ۽ اسلامي دنيا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خوشي جو هي موقعو اسان جي زندگي ۾ خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي ايندو. صدر چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي برگزيده ماڻهن کي مختلف امتحانن ۾ وجهي آزمايو، اهي بزرگ هستيون انهن ??متحانن ۾ پوري طرح سرخرو ٿيون، آزمائش ۽ امتحان جي صورتحال ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي، مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هر قسم جي قرباني ??اءِ تيار رهڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي.