اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ ??و گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽر?? ۽ ??باد جي نمائندن وڊيولنڪ ??ريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري ت??ميراتي سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعميراتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آه?? ۽ ??ن جي نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي ت??ميراتي ڪمپنين طرفان تعميراتي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي ت??مير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپ?? ۽ ??ڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ تعميراتي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.