اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن ??ينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سان تيل ۽ گئس جي ذ??يرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزا??ي تي پيل بار ??ي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن ??ينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.