اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي سرگرمين جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ ??نظ??رين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيو??ر اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اط??اعات ۽ نشريات وارو ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، ??فا??ي ۽ صوبائي سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ??ي آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس ??ي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.